ٺٽي ۾ پ پ پاران اميدوارن جا انٽرويو مڪمل: غلام قادر پليجو ۽ محمود عالم شاهه امڪاني اميدوار

0
260
ٺٽي ۾ پ پ پاران اميدوارن

ٺٽو ( رپورٽ : اسماعيل ميمڻ ) ٺٽي ضلعي جي مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺندڙ پ پ اميدوارن جي انٽريوز جو  مرحلو مڪمل ٿي ويو، غلام قادر پليجو، ۾ محمود عالم شاهه، پير غلام رحماني ۽ ڀورو سرڪي سميت ڪيترائي اميدوار سامهون اچي ويا

ان ڏس ۾ پ پ جي جوڙيل بورڊ ۾ شامل پ پ جي ضلعي صدر صادق علي ميمڻ ، پ پ ضلعي جنرل سيڪريٽري امتياز احمد قريشي ، پ پ ضلعي انفارميشن سيڪريٽري سيد محمود غلام شاھ بخاري ، پ پ تعلقي گھوڙاٻاري جي صدر سميت پ پ جي ذيلي تنظيمن يوٿ ، هاري ، سپاف ۽ پ پ ليڊيز ونگ جي صدرن جي نگراني ۾ پ پ تعلقي گھوڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر تي مشتمل صوبائي تڪ پي ايس 78 جي 15 يونين ڪائونسلن  ۽ ٻن  ٽائون ڪاميٽين گھوڙاٻاري ۽ ڳاڙهو  تي چونڊ وڙهندڙ پارٽي اميدوارن جا ضامن هائوس گھوڙاٻاري ۾ انٽريو ورتا ويا

جڏهن ته پ پ ضلعي صدر صادق علي ميمڻ جي اڳواڻي ۾ اميدوارن جي انٽريوز جي موقعي تي ضلعي ڪائونسل ٺٽو جي اڳوڻي چيئرمين غلام قادر پليجو، پ پ ضلعي ٺٽي جي سينيئر نائب صدر عبدالحميد پنھور، حاجي گل محمد سمون ، ساڪري تعلقي جي اڳوڻي ناظم عبدالغني بگھياڙ ، عبدالحميد سومرو . جھانگير پالاري ، قربان شاھ قدوساڻي ، افتاب عالم سومرو ، غلام نبي شيخ  ۽ گھوڙاٻاري توڙي ڪيٽي بندر تعلقي جي اھم سياسي شخصيتن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

ٻئي پاسي رابطي ڪرڻ تي پ پ جي ضلعي جنرل سيڪريٽري امتياز احمد قريشي ۽ پ پ جي ضلعي انفارميشن سيڪريٽري سيد محمود عالم شاھ بخاري چيو ته پ پ پاران ضلعي ٺٽي جي تعلقي  گھوڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر تي مشتمل ٺٽي جي صوبائي تڪ پي ايس 78 جي 15 يونين ڪائونسلن ۽ 2 ٽائون ڪاميٽين گھوڙاٻاري ۽ ڳاڙهو جي مڙني وارڊن تي چونڊ وڙهندڙ اميدوارن جا انٽرويوز ورتا ويا آهن

هنن چيو ته پ پ جي قيادت پاران مڪاني چونڊ جي سلسلي ۾ اميدوارن جي سليڪشن لاءِ قائم ڪيل بورڊ ٺٽي مڪاني چونڊن ۾ حصي وٺندڙ اميدوارن جا انٽريو وٺڻ بعد اميدوارن جا نالا حتمي منظوري لاءِ مٿي پارٽي قيادت کي اماڻيا ويندا ۽ پارٽي قيادت جي منظوري بعد اميدوار مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺندا هنن جڏهن ته مڪاني چونڊن ۾ ٺٽي ضلعي جي 40 ئي ڪائونسلن توڙي 5 ٽائون ڪاميٽين ۽ هڪ ميونسپل ڪاميٽي ٺٽي تي پ پ جي ئي نامزد اميدوارن جي مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي يقيني آهي

ھي به پڙھندا

بدين ۾ فارمن جي وصولي جاري، ڪيترائي نوجوان ميدان تي لٿل