بدين ۾ فارمن جي وصولي جاري، ڪيترائي نوجوان ميدان تي لٿل

0
177
بدين ۾ فارمن جي

بدين (رپورٽر) بدين ضلعي ۾  مڪاني چونڊن لاءِ نامزدگي فارم وٺڻ جي ٻئي ڏينھن تي بدين شھر جي 14 وارڊن لاءِ ڪيترن ئي اميدوارن فارم وصول ڪري ورتا

ميونسپل ڪاميٽي بدين جي 14 وارڊن توڙي ضلعي جي مختلف يونين ڪائونسلن ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ سياسي پارٽين سميت آزاد اميدوارن اخترکوسو, شاھد آفريدي، نديم مغل، وڪيل آفتاب حسين ملاح، محمد سومار ملاح ۽ ٻين نامزدگي فارم وصول ڪيا

ان مواقعي تي نوجوان آزاد اميدوارن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته بدين جي 14 ئي وارڊن تي نوجوانن پاران اميدوار بيھاريا ويندا، ڪنھن به صورت ۾ھٿ نه کڻنداسين مقابلو ڪري وڏي ليڊ سان کٽي بدين واسين جي خدمت ڪنداسين