ٺل (ن پ ا) ٺل ويجهو نينگر کي دوستن راند ڪندي تلاءُ ۾ ڌڪو ڏئي ڇڏيو، ٻڏي فوت. خبر موجب ڳوٺ مزاري لاشاري ٻاهران 12 سالا نينگر عبدالنبي ٻرڙو کي دوستن مبينا طور تلاءَ ۾ ڌڪو ڏئي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو ٻڏي فوت ٿي ويو. نينگر جي وارثن موجب ٻارڙن راند ڪرڻ دوران نينگر کي تلاءُ ۾ ڌڪو ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ هو ٻڏي فوت ٿي ويو، وارثن موجب ٺل ٿاڻي تي واقعي جي اين سي داخل ڪرائي وئي آھي، پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.