تنگواڻي/همايون شريف (نمائندن وٽان) تنگواڻي ۽ همايون شريف ويجهو ارڙي وگهي 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ سبب اسپتال ڀيڙا ٿي ويا آهن. خبر موجب تنگواڻي ويجهو ڳوٺ ميانداد جعفري ۾ ٻن سالن جي نينگري آسيا بنگلاڻي ارڙي وگهي فوت ٿي وئي،جنهن کانپوءِ 10 ڏينهن دوران ارڙي وگهي فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ وڌي 8 ٿي ويو آهي. هوڏانهن همايون شريف ڀرسان ڳوٺ همت علي چانڊيو ۾ پورهيت علي نواز چانڊيو جي11مهينن جي ڌيءَ طبيه چانڊيو ارڙي وگهي فوت ٿي وئي، جڏهن ته پورهيت جو معصوم پٽ عبدالماجد چانڊيو ارڙي ۾ مبتلا ٿيڻ سبب شڪارپور جي سول اسپتال ۾ داخل آهي.