ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا) ميرواهه گورچاڻي ۾ 20 سالن جو نوجوان پئسا نه ڏيڻ تان ماءُ سان ڪاوڙجي گهر ٻاهران وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. ميرواهه گورچاڻي لڳ ڳوٺ مير غلام علي ٽالپر ديهه 140 جي 20 سالن جي ڌرمون ولد واگجھي ڪولھي ماءُ سان پئسن تان ڪاوڙجي پنهنجي ڳچي ۾ رسو ٻڌي گهر ٻاهران وڻ ۾ ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي.