سيٺارجا (ن پ ا) سيٺارجا ۾ پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي تي تشدد وارو مامرو: ٺيڙهي ڦاٽڪ جي رهواسڻ ناري دعا سولنگي ۽ ڳوٺ نواب خان سولنگي جي رهواسي نوجوان بابر علي سولنگي کي سول جج ميرواھ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي پوليس موجب ناري دعا سولنگي عدالت کي ٻڌايو ته هن پنهنجي مرضي سان بابر علي سان عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو آهي پر والدين جي طرفان پنهنجي گهران عزت سان رخصتي ڪرڻ واري وعدي تحت مان پنهنجي ماءُ ڏي وڃڻ چاهيان ٿي ناري جي اھڙي بيان بعد عدالت پاران ناري دعا کي پنهنجي امڙ سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، جڏهن ته نوجوان بابر علي سولنگي کي پڻ پوليس جي حفاظتي تحويل ۾ واپس پنهنجي گهر وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.