ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت لياري گينگ وار جي مک ڪردار عذير بلوچ ۽ ٻين خلاف 10 ڪيسن جي ٻڌڻي دوران پراسيڪيوشن طرفان پيش ڪيل 7 شاهدن پاران عذير بلوچ جي سڃاڻپ ڪرڻ کان انڪار بعد ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جي وڌيڪ شاهدن کي طلب ڪري ورتو آهي. ڪالهه ٻڌڻي دوران لياري گينگ وار جي مک ڪردار عذير بلوچ کي سخت حفاظتي انتظامن هيٺ پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي پراسيڪيوشن طرفان 7 شاهد پيش ٿيا. پراسيڪيوشن جي شاهدن عذير بلوچ جي سڃاڻپ ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيسن جي وڌيڪ شاهدن کي طلب ڪري ورتو. واضح رهي ته عذير بلوچ ۽ ٻين خلاف قتل، ڌماڪيدار مادو ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ جا الزام آهن.