دادو / ميهڙ (نمائندا) دادو جي عدالت عورت کي هراسان ڪندڙ جوابدار کي 4 سال ۽ 2 مهينا قيد سان گڏ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ دادو جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج نديم بدر قاضي جي عدالت ميهڙ ٿاڻي جي ڪيس ۾ مسمات ارشاد بيگم کي موبائيل فون تي زبردستي دوستي رکڻ لاء هراسان ڪرڻ واري ڪيس ۾ فريادڻ جي وڪيل نوجوان قانوندان شھزادو سوڍر جا دليل ٻڌڻ ۽ ڏوهه ثابت ٿيڻ بعد جوابدار پيٽرول پمپ مالڪ اعجاز درياڻي کي 2 سال قيد ۽ 25 ھزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آھي. سزا ٻڌائڻ کان جوابدار کي پوليس پهري هيٺ ڊسٽرڪٽ جيل دادو نيو ويو آهي، جوابدار خلاف 2020 ۾ مسمات ارشاد بيگم ميهڙ ٿاڻي تي اهڙي ايف آء آر داخل ڪرائي هئي، ياد رھي ته ميھڙ جي ماڊل ڪورٽ جوابدار کي ساڳئي ڪيس ۾ سزا ڏني ھئي جوابدار جي ڪرمنل اپيل ۾ ڪيس دادو جي عدالت ۾ ھلندڙ ھو .