ٺاروشاھ (ن پ ا) ٺاروشاھ ڀرسان ڳوٺ محمد خان وڳڻ واسي رٽائرڊ سول جج مرحوم علي احمد وڳڻ جي بيواھ مسمات افشان خاتون وڳڻ ٺاروشاھ ٿاڻي تي پهچي احتجاج ڪندي دانيهندي چيو ته منهنجو مڙس رٽائرڊ سول جج 4 مهينا اڳ فوت ٿي ويو، جنهن جي 300 جريب زرعيي زمين آھي، جنهن مان حصو گهرڻ تي مون کي ڏير و ۽ پنهنجي اڳ ڄاون پٽن مونکي گهر ۾ قيد ڪري سون ۽ زمين جا ڪاغذ کڻي ويا آھن، هن چيو ته مڙس جي ملڪيت مان حصو نه ٿو ڏنو وڃي، ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، موتمار ڌمڪيون پيون ملن، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.