لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ويهڙ واسين مبينا اغوا ٿي ويل ناري جي بازيابيءَ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي غلام فاطمه جوڻيجو، ميهر علي، منظور علي جوڻيجو ۽ ٻين چيو ته 3 مهينا اڳ بااثر شاهن پنهنجي پٽ قلندر بخش لاءِ 17 سالن جي ڌيءَ ريشمان جو رشتو گهريو، جنهن ۾ هن پئسن جي به آڇ ڪئي پر اسان جواب ڏنو، هنن ٻڌايو ته هڪ مهينو اڳ ريشمان جو رشتو مسڪين جوڻيجو سان طئي ٿيو جنهن تي مڇرجي شاهن جوڻيجو ۽ سندس پٽن قلندربخش، قادر بخش، لال بخش، مرتضيٰ ۽ ٻين هٿيارن جي زور تي گهر ۾ گهڙي نياڻي ريشمان کي اغوا ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته نياڻي کي بازياب ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.