سڊني (انٽرسٽنگ نيوز) انسانن جيان ڳالهائيندڙ طوطا پراڻو قصو ٿي ويو، هاڻي بدڪون به انساني آواز جي ڪاپي ڪري سگھن ٿيون. پهريون ڀيرو دنيا ۾ ڪنهن بدڪ کي انساني جملا ادا ڪندي ڏٺو ويو آهي  ۽ اهو جملو آهي “ يو بلڊ فول” جنهن کي انگريزي ۾ گار سمجھيو ويندو آهي.اها بدڪ دورازو بند ٿيڻ جو آواز به ڪڍي سگھي ٿي.  انسانن جيان کنگهي ٿي ۽ هاڻي تازو واقعو اهو ٿيو آهي ته واضح انداز ۾ هو “يو بلڊي فول” چئي سگھي ٿي.  مسڪ بدڪن جو حياتياتي نالو (بيزيئورا لوباٽا) آهي، جيڪا هاڻي آواز سکڻ ۽ ڳالهائڻ جي حيرت ۾ وجھندڙ خاصيت جي ڪري طوطن، وهيل، همنگ برڊ ۽ خود انسانن جي لسٽ ۾ شامل ٿي چڪ آهي. يعني ٻالڪ پڻ ۾ اهي جيڪو ڪجھه سکن ٿيون اهو ڳالهائي به سگھن ٿيون. اها تحقيق لائڊن يونيورسٽي جي پروفيسر ڪاليٽن ڪيٽ ۽ ان جي ساٿين ڪئي آهي. هن چيو ته آوازن کي سکڻ ۽ ادائيگي هڪ ناياب خاصيت آهي، جيڪا هاڻي بدڪن کي خاص بڻائي ٿي” پروفيسر ڪالٽين کي جڏهن آسٽريليا جي بدڪ بابت خبر پئي ته هن اتي هڪ مشهور سائنسدان پييٽر جي فلاگر سان رابطو ڪيو جنهن 30 سال اڳ اهڙين ئي بدڪن کي ساده لفظ ادا ڪندي ٻڌو هو. ڊاڪٽر پيٽر سمورين بدڪن کان ڌار ڪري هڪ نر ٻچي کي پاليو جيڪو چئن سالن جو آهي، ان کي رِپر جو نالو ڏنو ويو اهي. اهو ڪاوڙ ۾ غلط سلت لفظ به ادا ڪندو آهي ۽ ماديءَ کي پاڻ وڻائڻ لاءِ دروازي جي آواز جو نقل به ڪندو آهي.