ڪراچي(دلچسپ نيوز)گوگل جي اي ميل سروس ”جي ميل“ عالمي سطح تي مشهور ترين اي ميل ڪميونيڪيشن سروس طور تي سڃاتي ويندي آهي پر هاڻ گوگل طرفان ”جي ميل“ سروس ۾ هڪ وڏي اپ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.رپورٽن موجب گوگل جي نئين اپ ڊيٽ تحت جي ميل سروس ۾ هڪ اهڙي فيچر کي متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن جي ذريعي واهپيدار هاڻ جيل ميل ايپ تي آڊيو  ۽ وڊيو ڪالنگ جي سهولت به استعمال ڪري سگھندا.رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهو هڪ اهڙو فيچر آهي جيڪو واهپيدارن لاءِ جي ميل کي اي ميل سروس کان وڌيڪ بڻائيندو. گوگل جي اها اپ ڊيٽ گوگل ڊرائيو جي هڪ حصي جي طور تي آهي جنهن جي ذريعي ان ايپ ۾ ورڪ ايپس فيچرز کي متعارف ڪرائي سگھبو، ان اپ ڊيٽ کان پوءِ جي ميل پنهنجي واهپيدارن کي موبائل ايپ ذريعي سڌي  ريت آڊيو ۽ وڊيو ڪال جي اجازت ڏيندي.غور طلب ڳالهه اها آهي ته ڪال ”گوگل ميٽ“ ذريعي جيل ميل ايپ تان ڪئي ويندي.گوگل جي ميل سروس جو نئون فيچر سڌي ريت گوگل ميٽ جي ذريعي متعارف ڪرائڻ بدران جي ميل ايپ ذريعي متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.في الحال گوگل ميٽ جي ميل ذريعي پنهنجي واهپيدارن کي ورچوئل ميٽنگ جي ميزباني يا مهمان طور جوائن ڪرڻ جو آپشن فراهم ڪندو آهي پر هاڻ ان سروس ۾ واهپيدارن لاءِ آڊيو ۽ وڊيو ڪلاز ٻنهي قسمن جي سهولت کي شامل ڪيو پيو وڃي جنهن کان پوءِ واهپيدار ايپ ذڙيعي ڪنهن به ڪانٽيڪٽ تي آڊيو يا وڊيو ڪال ڪري سگھندا.