بلبائو (انٽرسٽنگ نيوز) اسپينش عورت کي جڏهن خبر پئي ته ڄمڻ وقت ان کي پنهنجي حقيقي والدين بدران غلط جوڙي کي ڏنيو ويو هو ته هن اسپتال انتظاميا تي لکين ڊالر ڏنڊ جو ڪيس ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي انتظاميا ان کي “ انساني غلطي” قرار ڏنو آهي. اسپين جي شهر بلبائو جي ڏکڻ ۾ قائم هڪ اسپتال ۾ هوءَ 2002ع ۾ ڄائي هئي، ڊي اين اي ٽيسٽ کانپوءِ کيس خبر پئي ته هوءَ پنهنجي حقيقي (حياتياتي)والدين وٽ نه پئي  رهي. کيس پتو پيو ته کيس ساڳئي ڏينهن ڄمندڙ هڪ ٻي ڇوڪريءَ سان مٽايو ويو هو. ٻئي ٻارڙيون ڀر ۾ انڪيوبيٽر ۾ هيون، پر انهن ٻنهي جي مٽا سٽا ٿي وئي ۽ والدين بدلجي ويا. مقامي حڪومت ان ڳالهه جو اعتراف ڪندي ان کي انساني خطا قرار ڏنو، پر صحت واري وزيارت چيو آهي ته ايڏا سال گذرڻ بعد تصديق  ڪرڻ ڏکيو آهي ته اصل ڪوتاهي لطي ڪنهن جي هئي.  واقعي جي خبر اخبارن ۾ ڇپجڻ بعد اسپتال انتظاميا تي ڇوڪريءَ 30 لک ڊالر هرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪرائي آهي. مسئلي جيوڌيڪ جاچ کانپوءِ ڇوڪريءَ جي اصل والدين جي ڳولا جاري آهي.