ڪراچي: ڪئناڊا ۾ ويٺل يونس ميمڻ سنڌ حڪومت هلائيندو آهي، وڏي وزير ۽ کاتي جي وزير جي منظوري کانسواءِ ئي ڪم ڪرايا ويندا آهن اهڙو اظهار نجي ٽي وي چينل جيو نيوز پنهنجي رپورٽ ۾ ڪيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪئناڊا ۾ رهندڙ يونس ميمڻ پنهنجي ٻن ٻين نالن يونس سيٺ ۽ يونس قدوائي جي نالن سان به ملڪ ۾ ڪم ڪندو آهي. رپورٽ موجب ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن، ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي، لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي ايل ڊي اي ۽ مڪاني ادارن واري کاتي ۾ مقرريون ۽ بدليون سندس چوڻ تي ڪيون وينديون آهن. رپورٽ موجب ڪراچي ۾ زمينن جي الاٽمينٽ ۽ ٽرانسفر جو معاملو منظم نموني هلايو ويندو آهي. پهرين اهي معاملا اويز مظفر ٽپي هلائيندو هو پوءِ اهو معاملو منظور ڪاڪا جي حوالي ٿيو ۽ هاڻ اهو ڪم يونس ميمڻ سنڀاليو آهي. رپورٽ موجب کاتن ۾ ماهوار اربين رپيم جي ڏي وٺ ٿيندي آهي. لاڳاپيل وزير ۽ وڏي وزير سميت ڪو به ماڻهو ان جي آڏو بند نه ٿو ٻڌي سگهي.