ڪراچي: ايم ڪيو ايم ۽ پ پ اڳواڻن يونس ميمڻ کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته نالو ٻڌو آهي پر يونس ميمڻ کي نه ٿا سڃاڻون، ايم ڪيو ايم جي وسيم اختر چيو ته ڪراچي جون زمينون تين وال ڪيون ويون آهن، جيڪڏهن ايم ڪيو ايم تي الزام لڳي ٿو ته پ پ وارا ٻڌائين ته هنن 13 سالن ۾ اسان جي غلط ڪمن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي وسيم اختر چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ڪچري جو ڍير بڻجي چڪا آهن، پارڪن ۽ پلي گرائونڊ تي پ پ وارن قبضا ڪيا اتي عمارتون ٺهرايون ويون انهن جي جاچ ڪرائي وڃي ۽ ذميوارن کي سزا ڏياري وڃي. هن چيو ته ڪنهن کي به خبر ناهي هوندي ته هتي ڇا ٿي رهيو آهي. هن چيو ته يونس ميمڻ جو نالو ٻڌو آهي پر کيس سڃاڻان نه ٿو. هن چيو ته اسان جڏهن به حڪومت ۾ رهياسين ته اسان وٽ اختيار نه رهيا آهن، اسان تي ليز تي زمين ڏيڻ جا الزام غلط آهن اسان وٽ ته زمين رڳو هڪ سال تي ليز تي ڏيڻ جو اختيار هو. هن چيو ته اسان غلط ڪم ڪيا ته سنڌ حڪومت 13 سالن کان انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ هن چيو ته سپر هاءِ وي تي بدين ۽ ٻين ضلعن جي ماڻهن کي آڻي آباد ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف صوبائي وزير سعيد غني چيو ته يونس ميمڻ کي نه ڏٺو آهي نه ڳالهه ٿي آهي، نه ئي پارٽي وارن ڪڏهن سندس ڪم ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، تاثر جيڪو پيدا ڪيو پيو وڃي اهو غلط آهي، منهنجي وزات ۾ مداخلت ناهي ٿيندي. هن چيو ته منهنجي تڪ ۾ واٽربورڊ جي زمين تي قبضا ڪرائي اڏاوتون ڪرايون ويون، اها ڪارروائي مصطفيٰ ڪمال جي دور ۾ ٿي. هاڻ هزارين ماڻهو آباد ٿي ويا، اصل الاٽي زمين وڪرو ڪري ويا، هاڻ ٽيون چوٿون مالڪ رهي پيو ان ڪري چاهيون ٿا ته انهن کي بي گهر نه ڪيو وڃي. سپريم ڪورٽ ڪي سي آر جو ڪم ايف ڊبليو او کان ڪرائڻ جو فيصلو ڏنو، متاثرن کي آباد ڪرڻ بابت اسان جي آڇ رد ڪئي وئي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته کين ٻن سالن جو ڪرايو 15 هزار رپيا ماهوار ۽ 6 مهينن جو ايڊوانس ڪرايو ڏنو وڃي ٻن سالن بعد نياپاڪستان هائوسنگ جي جي گهرن ۾ رهايو ويندو. هاڻ اهي گهر الائي ڪڏهن ٺهندا، اسان کين زمين ڏئي سگهون ٿا، پر معاوضي ۽ آبادي وارا فيصلا وفاقي حڪومت ڪندي. هن چيو ته منظور ڪاڪا ڪامورو هو ته ڊي جي لڳي ويو، ڪامورن جي ڪم جو ذميوار وڏو وزير يا وزيراعظم نه هوندو آهي، ڪچيون آباديون پ پ جي دور کان اڳ کان آباد آهن.