وڳڻ (ن پ ا )وڳڻ ۾سماجي براين، آئيس، ھيروئن وڪري ۽ بدامني خلاف سياسي سماجي تنظيمن پاران پراڻي بس اسٽاپ کان مک چوڪ تائين ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي،ان موقعي تي لالا حفيظ پٺاڻ، قاري محمد عثمان مغيري، ساجد مغيري جو چوڻ هو ته  سماجي برايون عام ٿي ويون آھن، آئيس، ھيروئن، چرس، آفيم سميت ٻيو نشو وڪرو ٿي رھيو آھي،  جوا ۽ منشيات جا اڏا پوليس سرپرستي ۾ ھلي رھيا آھن. نشو واپرائڻ سبب نوجوان نسل تباھ ٿي رھيو آھي.وڳڻ ٿاڻي تي اھل ايس ايچ او مقرر ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻو ھڻنداسين.