ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ۾ قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ عبدالغفور لاشاري جي چوري ٿيل موٽر سائيڪل واپس نه ٿيڻ خلاف نادرا چوڪ کان ٿاڻي تائين سجاد بروهي، فدا حسين محمداڻي، عبدالغفور لاشاري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. اڳواڻن ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته موٽر سائيڪلن جون چوريون عروج تي آھن، قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ عبدالغفور لاشاري جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل به واپس ناهي ٿي، ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون، پوليس کي چاٻي چور جا سي سي ٽي وي فٽيجز به ڏنا آهن، پر کڙ تيل ناهي نڪتو. ايس ايچ او قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن کي موٽرسائيڪل واپس ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي.