راڻيپور (ن پ ا) موھن جو دڙو جي کوٽائيءَ کي 100سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي سنڌو سڀيتا بابت ڪم ڪندڙ ماھر آرڪيالاجسٽ ڊاڪٽر مائيڪل جانسن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ راڻيپور ۾ سنڌ آرڪيالاجيڪل سوسائٽي پاران ميرٽ ڪاليج آف سائنس آف ٽيڪنالاجي تعاون سان تقريب منقعد ڪئي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي قديم آثارن واري ماهر ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ شر، ڊاڪٽر نذير کوکر، سنڌ آرڪيالاجيڪل سوسائٽيءَ جي چيئرمين اعزاز پيرزادو،  ثنا گل چنا ۽ مھر علي شر چيو ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ اندر قديم ماڳ آرڪيالاجي وارو شعبو لاوارثي جو شڪار آھن. سنڌو سڀيتا جو اھم ماڳ موهن جو دڙو سم ۽ ڪلر سبب تباهه ٿي رھيو آھي. سنڌ اندر سمورا تاريخي آثار غير محفوظ آھن ۽ قديم ماڳن تي قبضا روز جو معمول بڻيل آھن. هنن جو چوڻ هو ته موھن جو دڙو سڄي دنيا اندر سنڌ جي سڃاڻپ آهي پر 100 سال اڳ ٿيل ڪم کان وڌيڪ تحقيق نـ ٿي سگھي آھي. حڪمرانن جي نااھلي سبب آثار تباهه ٿي رھيا آھن. ان موقعي تي زوار نصير شيخ قومي گيت ڳائي ويٺلن کي جهومائي ڇڏيو.