پنجاب ۾ پرتشدد مظاهرن سبب 600 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو، فوجي ٺڪاڻن تي حملا منصوبابندي تحت ڪيا ويا:محسن نقوي

0
172
وڳوڙن ۾ 6  سئو ڪروڙن
وڳوڙن ۾ 6 سئو ڪروڙن جو نقصان ٿيو، فوجي ٺڪاڻن تي حملا منصوبابندي تحت ڪيا ويا:محسن نقوي

لاهور: پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو آهي ته فوجي ٺڪاڻن تي حملن ۾ ملوث هر ماڻهو گرفتار ٿيڻ تائين سک سان نه ويهنداسين، فوجي ٺڪاڻن تي حملا منصوبابندي تحت ڪيا ويا، ڪنهن به بي گناهه کي گرفتار نه ڪيو ويندو

پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ چيو ته ڀڃ ڊاهه جي ڪارروائين دوران 6 سئو ڪروڙ روپين جو نقصان ٿيو

هن چيو ته جناح هائوس تي حملو ڪندڙ ڪو پاڪستاني نه ٿو ٿي سگهي، حملو ڪندڙ سڀ دهشتگرد آهن، گرفتار ماڻهن جي وڊيو شاهدين ۽ ثبوتن ذريعي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي

محسن نقوي جو چوڻ هو ته وڳوڙن ۾ 6  سئو ڪروڙن جو نقصان ٿيو، سي ايس ڊي اسٽور ڦريو ۽ ساڙيو ويو، 2 ميٽرو اسٽينز ساڙيا ويا، ريسڪيو112 جون 8 گاڏيون ساڙيون ويون

پنجاب جي نگران وڏي وزير وڌيڪ چيو ته گرفتار جوابدارن سان ڪا به رعايت نه ڪئي وندي، پريشر قبول نه ڪبو، هڪ به غلط ماڻهو گرفتار نه ڪنداسين، ميانوالي ۾ هڪ جي پي او کي ساڙيو ويو

هن جو چوڻ هو ته حملو ڪندڙ هر ماڻهو جي وڊيو موجود آهي،  منهنجي غلطي اها آهي ته پوليس گولي هلائڻ کان روڪيو جن جناح هائوس تي حملو ڪيو، انهن ئي عسڪري ٽاور کي  باهه ڏني فوجي ٺڪاڻن تي حملا منصوبا بندي تحت ٿيا

هي به پڙهندا

ڪور ڪمانڊر هائوس، جي ايڇ ڪيو ۽ ڪنٽونمينٽ علائقن ۾ ڀڃ ڊاهه تي ڪهڙي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي؟

جي ايڇ ڪيو تي حملو ڪندڙن جون تصويرون جاري