جي ايڇ ڪيو تي حملو ڪندڙن جون تصويرون جاري

0
150
جي ايڇ ڪيو تي حملو ڪندڙن جون تصويرون جاري
جي ايڇ ڪيو تي حملو ڪندڙن جون تصويرون جاري

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ جنرل هيڊڪوارٽر (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي تي حملو ڪندڙن جون تصويرون جاري ڪيون ويون آهن

9 مئي جي ڏينهن عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي ايڇ ڪيو گيٽ تي ڀڃ ڊاهه ڪئي هئي، جن جون تصويرون جاري ڪيون ويون آهن

ذريعن موجب پرتشدد مظاهرن ۾ شامل 4 عورتن سميت 14 ماڻهن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي، سڃاڻپ ڪيلن مان 9 جو تعلق راولپنڊي، 3 جو اسلام آباد، هڪ جو ڪراچي ۽ هڪ جو چڪوال سان آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته پرتشدد مظاهرن ۾ شامل 300 کان وڌيڪ ماڻهن جي سڃاڻپ جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي، گڏوگڏ حڪومتي ۽ دفاعي ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن جي گرفتارين جو عمل تيز ڪيو ويو آهي

هي به پڙهندا

نواز ليگ سپريم ڪورٽ آڏو سڀاڻي پي ڊي ايم جي اعلانيل ڌرڻي لاءِ تياريون تيز ڪري ڇڏيون