تحريڪ انصاف پنجاب جو اڳواڻ ميان محمود الرشيد لاهور مان گرفتار

0
215
تحريڪ انصاف پنجاب جو اڳواڻ ميان محمود الرشيد لاهور مان گرفتار
تحريڪ انصاف پنجاب جو اڳواڻ ميان محمود الرشيد لاهور مان گرفتار

لاهور: تحريڪ انصاف پنجاب جي اڳواڻ ميان محمود الرشيد کي لاهور مان گرفتار ڪيو ويو آهي، ميان محمود رشيد کي لاهور جي ڊفينس واري علائقي مان گرفتار ڪيو ويو

 پوليس ذريعن موجب ميان محمود رشيد تي 9 مئي جي وڳوڙن دوران هڪ شخص کي مارڻ جو ڪيس داخل ٿيل آهي

ٻئي پاسي لاهور پوليس وڳوڙن واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ياسمين راشد کي گرفتار ڪرڻ لاءِ سروسز اسپتال پهچي وئي

اسپتال انتظاميا موجب ياسمين راشد چيسٽ انفڪيشن جي علاج هيٺ آهي، کيس حراست ۾ نه ٿو وٺي سگهجي

 اسپتال انتظاميا پاران ياسمين راشد کي حوالي ڪرڻ کان انڪار بعد پوليس اٽالا واپس ٿي ويا

هي به پڙهندا

حڪومت ۽ ان جا سرپرست مون کان ڊنل آهن، هنن کي اليڪشن ۾ عبرتناڪ شڪست جو خوف آهي: عمران خان