تيزيءَ سان گهرو ويڙهه ڏانهن وڌندڙ ملڪ

0
162
ساڃهه جي سوجهري سان جڳ جرڪائيندڙ ادارا
ڀنگ خاطر اغوا جون وارداتون ۽ سنڌ پوليس

عمران خان جي گرفتاريءَ کان پوءِ بدترين وڳوڙن ملڪ ۾ تمام وڏي تباهي آندي آهي. سڄي ملڪ ۾ خوف ۽ هراس، غير يقيني ڇانيل آهي. وڳڙي اهڙا ته تربيت يافته هئا، جن ملڪ جي اهم جاين کي بنان ڪنهن روڪ رنڊڪ ج ساڙي ڇڏيو. اهي مڪنا هاٿي اڃان به ڪو وڏو ممڻ مچائڻ لاءِ آتا ٿا ڏسجن. باهه ۽ بارود جي راند کيڏڻ لاءِ تيار ٿا نظر اچن. سياسي ماحول جي گرمي چوٽان چوٽ آهي. اڃان ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ناهي آئي ته مٿان وري حڪمران اتحاد پي ڊي ايم اڄ سپريم ڪورٽ جي اڳيان احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. مولانا فضل الرحمان سڄي ملڪ مان ڪارڪنن کي سڀاڻي سپريم ڪورٽ پهچڻ جو سڏ ڏيئي ڇڏيو آهي، پپپ ۽ مسلم ليگ (ن) به ان احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ڪري امن امان ۽ ٽڪراءَ جي امڪانن کي رد نٿو ڪري سگهجي.

اڳ ئي بدترين معاشي ۽ سياسي گهوٽالي جي ور چڙهيل ملڪ عالمي قوتن جي مفادن جي جنگ جو ميدان بڻيل آهي. هاڻي ته حالت ان نهج تي وڃي پهتي آهي، جو  سول وار واري صورتحال پيدا ٿي ويئي آهي. ملڪ تيزيءَ سان گهرو ويڙهه ڏانهن وڌندو پيو وڃي. حڪومت جي انتظامي گرفت نظر نٿي اچي. لڳي ائين ٿو ته ڄڻ قانون هائبرنيشن ۾ هليو ويو هجي. اڳي آئين ۾ ترميمن جون چتيون لڳائي ان جي اصل صورت ئي مسخ ڪئي ويئي هئي، جنهن کي ارڙهين آئيني ترميم ذريعي ڪنهن حد تائين، اصل صورت ۾ بحال ڪيو ويو، ته هاڻي آئين “ري رائيٽ” ٿيڻ لڳو آهي، ان جي من پسند تشريح ٿي رهي آهي. اهو آئين، جنهن ۾ شهرين جي حقن جي ضمانت ڏني وئي آهي، اهو پنهنجي حفاظت به نه پيو ڪري سگهي. سڀني ڌرين آئين کي رانديڪو سمجهيو آهي ۽ ان سان مڪروهه راند ۽ “فائول پِلي” جاري آهي. ملڪ ۾ ڄڻ ته ڪا مرڪزي حڪومت آهي ئي ڪانه! جن جي، نالي ۾ ئي سهي، حڪومت آهي، اهي پاڻ احتجاج پيا ڪن. ان صورتحال ۾ ڪو ٽڪراءُ ٿئي ٿو ته سسٽم جي تڏا ويڙهه جي امڪان کي ڪيئن ٿو نظرانداز ڪري سگهجي! تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي حالت اها آهي ته اهو وڳوڙن جي مذمت ڪرڻ جي لاءِ به تيار نه آهي، ايتري قدر جو جڏهن کيس عدالت چيو، تڏهن به ڪونه ڪيائين، ۽ ادارا به جنهن نموني ان سان لاڏ ڪوڏ ۽ پاٻوهه جو اظهار پيا ڪن، ان تان گهور گهور پيا وڃن، اها به هن ملڪ جي هڪ منفرد تاريخ لکجي رهي آهي. ايتري قدر جو کانئس اشارن ڪناين ۾ پڇيو وڃي ٿو ته، “بتا تيري رضا ڪيا هي؟” اڄ 14 مئي آهي ۽ عدالت اڳ ۾ ئي ان تاريخ تائين پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏيئي چڪي آهي، جنهن تي عمل نه ٿي سگهڻ جا جواز به عدالت تائين لاڳاپيل ادارن پهچايا آهن. هن وقت ئي اهي ڌريون ائين چئي رهيون آهن ته پي ڊي ايم جو اهو احتجاج عدالت تي دٻاءُ وجهي اليڪشن جي حوالي سان عدالتي فيصلي کان بچڻ جي ڪوشش آهي. ڳالهه صرف اهائي نه آهي، هڪ خدشو اهو به آهي ته اهي وڳوڙي ٽولا، جيڪي ايترا ته تربيت يافته هئا، جن اک ڇنڀ ۾ ملڪ جو انفراسٽرڪچر، اهم هائوسز، پشاور جي تاريخي ريڊيو اسٽيشن سميت اهم جايون تباهه ڪري ڇڏيون، سڄي ملڪ جي اهم شهرن ۽ شاهراهن کي مفلوج ڪري بند ڪري ڇڏيو، ڇا اهي وڳوڙي ڪو ممڻ نٿا مچائي سگهن؟

پي ڊي ايم ۾ شامل ٽن وڏين جماعتن جي قيادت کي به معاملي جي سنگينيءَ جو ادراڪ هجڻ گهرجي. هتي اسان جو مقصد پي ڊي ايم جي قيادت کي ڊيڄارڻ ڪونهي پر اسان انهن حالتن ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ ٿا چاهيون، جن ۾ هن وقت ڪابه چڻنگ ٻيلا ٻاري سگهي ٿي ۽ ملڪ دشمن قوتون ٻرنديءَ تي تيل جو ڪم ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪنديون. بهرحال پرامن احتجاج هر ڪنهن جو حق آهي پر سسٽم کي هاڃو رسڻ نه گهرجي.