وڏيرا بهانا ڪري عدالتن مان رڳو تاريخون وٺي رھيا آھن: ام رباب

0
426
وڏيرا بهانا ڪري عدالتن

دادو (رپورٽر) دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ام رباب چانڊيو جي پيءُ مختيار احمد، ڏاڏي ڪرم الله ۽ چاچي ڪابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي

 فريادي ڌر طرفان ام رباب، جڏهن ته پي پي ايم پي اي سردار احمد چانڊيو ، برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 5جنوري تي ٻيهر رکي وئي

عدالت ۾ پيشي بعد مقتولن جي وارث ام رباب چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هر حاضري جوابدار ڌر جو وڪيل نه ٿو اچي ۽ بهانا ڪري تاريخ ورتي وڃي ٿي، هي چون ٿا ته اسان سردار ۽ وڏيرا آهيون ڪنهن کي مارائي ڇڏيون ڪجھ نه ٿيندو ۽ جڏهن عدالت ۾ اچن ٿا نماڻا ٿي بيهي رهن ٿا

https://www.youtube.com/watch?v=ev2jJCT3g1Y&t=35s