ڪنري: ڪارنهن الزام هيٺ ناري قتل، مڙس ۽ ڏير تي ڪيس داخل

0
214

ڪنري (رپورٽر) ڪنري ڀرسان مبينا طور مڙس ۽ ڏير هٿان قتل ٿيل ناري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪا گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي، رات دير سان ڍڊرو جي ڳوٺ امير منڱريو ۾ مبينا ناري ڪويتا ڪولھي کي قتل ڪيو ويو هو

مقتولا جي ڀاءُ هريش ڪولهي جي فرياد تي ڪويتا جي مڙس نارائڻ ۽ ڏير سومرو ڪولهي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، فريادي موجب ڀيڻيوي نارائڻ ڪولھي ڀيڻ ڪويتا کي ڪھاڙين جا وار ڪري قتل ڪيو، ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا ويا پر گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي.