ٽنڊو الهيار/ چمبڙ/ نوابشاهه(نمائندن وٽان) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري حڪومت خلاف پاڻ ميدان ۾ لهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ آهي ته وقت اچي ويو آهي ته وفاقي ۾ ويهي حڪومت جو مقابلو ڪريان، گڏ گڏ لاهور ۾ به احتجاجي خيما کوڙينداسين. ٽنڊي الهيار ۾ ٽنڊوالهيار لڳ ڳوٺ دريا خان مري ۾ غلام قادر مري  هائوس تي عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي هن چيو ته  آئون لاهور ۽ اسلام آباد ۾ ويهي مخالفن جو مقابلو ڪرڻ وڃان پيو، لاهور ۾ خيما کوڙي احتجاج ڪبو. هن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ اسان جي وچ ۾ ڪجهه مسئلا آهن، سياست ۾ اهڙا مسئلا هلندا رهن ٿا، اڄ منهن جي لاءِ مشڪل وقت آهي، ننڍپڻ جو دوست وڇڙي ويو آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي هميشه عوام لاءِ ڪم ڪيو آهي. بلاول ۽ آصفه ڀٽو رداري جي قيادت ۾ عوام جي خدمت ڪنداسين. هن چيو ته هي ناني ويڙهو ڪريو ويٺا آهن هڪڙا وڃن ٿا ٻيا اچن ٿا پر آهن سڀئي ساڳيان.  هن حڪومت جو وفاق ۾ ويهي مقابلو ڪندس.  هن وڌيڪ چيو ته ڀٽو صاحب به هميشه عوامي مسئلن کي ترجيح ڏني ۽ اسان به عوام جي خدمت ڪري رهيا آهيون. هتان کان روانگي منهنجي جدوجهد لاء آهي. حڪومت کي لوڏبو ۽ عوام جي جنگ وڙهنداسين ۽ عوام جي فتح ٿيندي. پ پ پ هميشه چاهيو آهي ته غريبن جي وڌ کان وڌ خدمت ڪري انهن جا روڊ ٺاهي توهان جي سوچ کان پهرين پ پ پ اهو ڳاله سوچي ٿي ته هي ڪم اسان کي ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسان وچن ڪريون ٿا ته غريبن جو ساٿ ڪڏهن ڪونه ڇڏبو. آصف زرداري وڌيڪ چيو ته عمران تبديلي جو نعرو هڻي بدترين بحران آندو، اهڙو بحران پاڪستان جي 70 سالن جي تاريخ ۾ به نه آيو جهڙو هن حڪومت ۾ آيو آهي، اسان وٽ ماسٽر پلان آهي، جلد پ پ جي حڪومت ايندي،  ملڪ کي  معاشي بحران مان ڪڍنداسين