لاهور (م ڊ) سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته آصف زرداري پنهنجي قد کان وڏيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي. لاهور ۾ شهباز گل سان گڏ صحافين سان ڳالهيون  ڪندي فواد چوڌري چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي وارن قرض کڻي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو پر اسان پنج سالن ۾ 55 ارب ڊالر قرض واپس ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. ڪورونا جهڙي بلا ۾ به پاڪستان جي معيشت ۾ بهتري آئي آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي بيان تي رد عمل ڏيندي وفاقي وزير چيو ته جڏهن اوهان کي عدالت وڃڻو هوندو آهي ته وهيل چيئر گهرائيندا آهيو، جڏهن ضمانت ملندي آهي ته سک جو ساهه کڻندا آهيو ۽ قد کان وڏيون ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهيو. فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ايٽمي ملڪ آهي، پاڪستان کي ڪوبه خطرو نه آهي. سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت تحريڪ انصاف جي هوندي هي اسلام آباد اچڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. اسلام آباد جي چڪر ۾ هي لاڙڪاڻو ۽ نوابشاهه وڃڻ جي به قابل نه رهندا. هن وڌيڪ چيو ته نام نهاد وڏين پارٽين جي سياست هاڻ صرف ٽي وي جي سهاري هلي رهي آهي. جيڪڏهن هنن جي ٽي وي ڪوريج کي بند ڪري ڇڏجي ته هي ختم ٿي ويندا. مڪاني چونڊن جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي فواد چوڌري چيو ته مريم نواز پختونخواهه ۾ پنهنجي شڪست جو جشن ملهائي رهي آهي. ڪي پي مان مسلم ليگ(ن) فارغ ٿي وئي آهي. ڪنهن به هنن کي ووٽ نه ڏنو. اطلاعات واري وزير چيو ته اسان جو مقابلو ننڍن سياسي بونن سان آهي. هي پروپيگنڊا ڪندا ته مهانگائي ٿي وئي آهي، ڦرجي وياسين پر هنن وٽ عمران خان جي قد جو ڪوبه ماڻهو نه آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته نوازشريف رهيل حياتي پارڪ لين ۾ ۽ زرداري دبئي ۾ گذاريندو. سمنڊ پار پاڪستاني اسان سان گڏ بيٺل آهن. ايندڙ حڪومت به انشاءَالله تحريڪ انصاف جي هوندي.