احمدپور (ن پ ا) وڏا مهيسر مان اغوا ڄاڻايل ناري سيما مهيسر جي اغوا واقعي ۾ سهولتڪاري الزام هيٺ آيل نوجوان عامر چنا ۽ ٻين جي گھرن تي مهيسر برادري جي بااثرن پاران حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ڪرڻ سان گڏ عورت مجيدان چنا کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش جو وڏا مهيسر ٿاڻي تي وزير علي چنا جي فرياد تي مهيسر برادري جي 16 سڃاتل ۽ 5 اڻسڃاتل ماڻهن سميت 21 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جن ۾ توفيق مهيسر، منصور، شاهد، رضا محمد، تنوير، صدر، لطف الله، امان الله مهيسر ۽ ٻيا شامل آهن.