دادو (رپورٽر) دادو شهر جي ڇاڻو شاھ آباد پاڙي ۾ 38 سالن جي نوجوان اسلم پٽ مصري ڪلهوڙو بيروزگاري ۽ غربت کان تنگ اچي گهر جي ڀرسان پنهنجي جسم تي پئٽرول هاري پاڻ کي باھ ڏئي ڇڏي، موقعي موجود ماڻهن مٽي هڻي اسلم ڪلهوڙو کي لڳل باھ وسائي کيس زخمي حالت ۾ گهر پهچايو، جتان کيس وارثن دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ، ڊاڪٽرن موجب نوجوان جو 50 سيڪڙو جسم سڙيل آهي، هوڏانهن نوجوان جي والد مصري خان ۽ ماءُ دانهيندي چيوته نوجوان کي اسپتال کڻائي آياسين پر 3 ڪلاڪن تائين سندس علاج نه ڪيو ويو ۽ کيس حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، هنن چيو ته اسان پئسا نه هئڻ ڪري ڊاڪٽر ۽ ٻين ملازمن کي ايمبولنس ڏيڻ لاءِ منٿون ڪيون پر نوجوان کي حيدرآباد نيڻ لاءِ ايمبولنس نه ملڻ بعد اسان کيس گهر کڻائي آياسين، ٻي طرف پاڻ ساڙيندڙ جي نوجوان جي خبر ٽائيم نيوز تي هلڻ بعد سول سرجن پير غلام حسين نوٽيس ورتو ۽ نوجوان کي سيوهڻ اسپتال نيڻ لاءِ ايمبولنس ڏياري کيس سيوهڻ اسپتال نيو ويو، اسلم جي پيءُ مصري خان ٻڌايو ته سندن پٽ بيروزگار هو ، اسان کي چنگچي رڪشا وٺي ڏيڻ جو چيو پر پئسا نه هئڻ ڪري کيس رڪشا نه وٺي ڏنو، جنهن تان هن ڪاوڙجي پاڻ کي باھ ڏني آهي.