سپريم ڪورٽ عدالتي سڌارن بابت پارليامينٽ جي ڪارروائي جو سڀاڻي تائين ريڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

0
196
وفاقي سرڪار عدالتي سڌارن واري بل خلاف ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ جوڙڻ جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي
وفاقي سرڪار عدالتي سڌارن واري بل خلاف ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ جوڙڻ جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ عدالتي سڌارن بابت پارليامينٽ جي ڪارروائي جو سڀاڻي تائين ريڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 8 رڪني بينچ عدالتي سڌارن واري بل خلاف ڪيس جي ٻڌڻي هلائي

 وفاقي سرڪار عدالتي سڌارن واري بل خلاف ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ جوڙڻ جي درخواست داخل ڪرائي، نون ليگ پاران به فل ڪورٽ جوڙڻ جي درخواست ڏني وئي

 اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي رولز ۾ ترميم فل ڪورٽ ئي ڪري سگهي ٿي، عدليه جي آزادي  ۽ رولز بابت فيصلو ۽ ڪيس به فل ڪورٽ کي ٻڌڻ گهرجي

جسٽس عائشه ملڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جي ڪا به بينچ ڪيس ٻڌي سگهي ٿي، ڇا حڪومت فل ڪورٽ جو فائدو کڻڻ گهري ٿي؟

جسٽس منيب اختر رمارڪس ۾ چيو ته جيڪو قانون پارليامينٽ ٺاهيو آهي ان ۾ 5 رڪني بينچ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، پارليامينٽ جي سڀ کان وڏي جماعت مسلم ليگ نون فل ڪورٽ جي استدعا ڪيئن ٿي ڪري سگهي؟

چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ظاهري طور هن ڪيس مان نه ٿو لڳي ته فل ڪورٽ جوڙي وڃي، عدالت ٻڌڻي ٽن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

هي به پڙهندا

انٽيليجنس ادارا ججز جي مقرريءَ کي ڪيئن ٿا ڪنٽرول ڪري سگهن؟: جسٽس اطهر من الله