لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم ڀارت ۾ شيڊول ون ڊي ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان کي فيوريٽ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اڳوڻي ڪپتان ۽ سوئنگ جي سلطان وسيم اڪرم ڀارتي نيوز چينل “اسپورٽس تڪ” جي ميزبان طرفان سوال ڪيو ويو ته “ڇا توهان پاڪستان کي ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ٽيمن ۾ شامل ڪريو ٿا؟” جنهن تي وسيم اڪرم جواب ڏنو ته بلڪل، پاڪستان وٽ شاهين آفريدي جهڙا فاسٽ بالر موجود آهن، جن لاڳيتو ٻيو ڀيرو پنهنجي ٽيم کي پي ايس ايل ۾ ٽائٽل کٽرايو آهي، اهو ڪيريئر جي بهترين فارم ۾ آهي. اهڙي طرح حارث رئوف، نسيم شاهه، محمد حسنين، احسان علي جهڙا نوجوان ۽ پرجوش بالر موجود آهن، مونکي لڳي ٿو ته ورلڊ ڪپ ڀارت ۾ شيڊيول آهي ته مضبوط بالنگ اٽيڪ رکندڙ ٽيم ڪامياب ٿيندي ڇوته اتان جون پچز بيٽسمينن لاءِ فائديمند هونديون.