سوال/سروي … پيٽرول 100 رپيا سستو ڏيڻ جو اعلان ڊرامو قرار، اٽو سستو ڪيو وڃي: عوام

0
148

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته موٽر سائيڪل ۽ ننڍي گاڏين وارن کي 100 رپيا سستو پيٽرول ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، پهريان رجسٽريشن ٿيندي پوءِ مهيني ۾ رڳو 21 لٽر پيٽرول ملندو، وفاقي حڪومت جي ان قدم کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته حڪومت عوام کي بيوقوف بڻائي رهي آهي، اهو لولي پاپ ڏنو آهي، عمل نه ٿيندو، حڪومت رڳو دعوائون ڪري رهي آهي، يوٽيلٽي اسٽور وانگر هتي به خواري ٿيندي، پيٽرول بدران اٽو سستو ڪيو وڃي، پيٽرول واري ان اعلان جو فائدو به مافيا کي ٿيندو، سروي ۾ حڪومتي اعلان جي آجيان به ڪئي وئي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته بھتر فيصلو آھي ملڪ ۾ ھونئن به غريبن لاءِ ھڪ اميرن لاءِ ٻيو قانون ھوندو آھي ان سان پيڙھيل طبقي کي ڪجھه رليف ملندو، امر راءِ سنگهه راجپوت لکيو ته هي غريب عوام سان سنئون سڌو مذاق آھي. غريبن کي تيل کان وڌ سَستي اَٽي جي ضرورت آھي. غريب ماڻهو اَٽي ۾ ٻَڌو پيو آھي ۽ هي لُٽيرا حاڪم نت روز نوان تجربا ڪري رهيا آھن. مُلڪ جو ڏيوالو ڪڍندڙ حُڪمران هاڻي غريبن کي ٿا ٿُوڻيون ڏين.. عوام کي هن لولي پوپ جي ڪابه ضرورت ناهي. عام سستائي ٿئي ته ماڻهو سُک جو ساھ کڻن. اَٽو، گيهه، مرچ ۽ بصر سستو ڪن ته جيئن مسڪين ماڻهو بُک وگهي نه مرن.. زاهد حسين لاکو لکيو ته عوام کي بيوقوف بڻائڻ جو نون طريقو.. جامع پاليسي ٺاهيو.. ملڪ سان مذاق ڪرڻ بند ڪريو. علي صابر لکيو ته حڪومت صرف دعوائون ڪندي باقي عمل ٽڪي جو به نه ٿيندو غريب طبقو ساڳيو در بدر ٿيندو رهندو، انور زئور لکيو ته عوام ھوشيار ٿي ويو آھي دوکا کائي کائي، انھن غلط فھمين ۾ ڪير به ڪو نه ايندو اسان کي برباد ڪيو اٿو، عبدالعليم کوکر لکيو ته ماڻهن کي چريو ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن عالمي منڊي ۾ پيٽرول سستو ٿيو آهي ان جو فائدو سڀني کي ڏين باقي ڏيکا نه ڪن، خالد ڀرڳڙي لکيو ته جيئن پهرين ٻه هزار پيٽرول سبسڊي ملي ھئي هي به ائين ئي ملندي رڳو ٽوپي ڊرامو آهي هي چور حڪمران ڪڏهن به عوام جو ڀلو ڪونه ڪندا، جي آر چانڊيو لکيو ته فيصلو ته سٺو آهي پر فائدو وري به اميرن کي ٿيندو، سيد شوڪت شاهه لڪياري لکيو ته اھو به وڏن ماڻهن کي ملندو باقي غريب ساڳي ماني ساڳ سان هوندي، محرم ٻٻر لکيو ته جيڪڏهن اعلان تي عمل ٿيو ته رجسٽريشن وارا به پئسا وٺي رجسٽر ڪندا، واحد بخش نندواڻي لکيو ته بيوقوف حڪمرانن جو بيوقوف عوام سان چرچو، احسن ميمڻ لکيو ته ان سان روز پيٽرول پمپن تي ڦڏا ٿيندا، عوام ۽ پمپ وارا وڙهي پوندا، اياز علي راهوجو لکيو ته عمل ناممڪن آهي، شنڪر لال لکيو ته وفاقي حڪومت جو اعلان عوام لاءِ ڪجھ خاص ثابت ڪونهي ٿيندو، عرفان سيلرو لکيو ته تمام بهترين فيصلو آهي پر خدا ڪري ڪو عمل ٿئي، ذوالفقار علي آدماڻي لکيو ته سکڻو اعلان آھي غريب غربي کي ڪجھ به نه ملندو، امان الله لغاري لکيو ته حڪومت هلائڻ جو طريقو ڪونھين عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي جيستائين عوام متفق ناھي تيستائين ڪجهه نه ٿيندو، مير مور رند لکيو ته حڪومت جي انهي فيصلي کي اسان رد ڪيون ٿا، شاڪر اعجاز گڏاڻي به سروي ۾ حصو ورتو، ذوالفقار لنڊ لکيو ته اھو رليف سواءِ لولي پاپ جي ڪجھ ڪونھي. شوڪت نهڙيو لکيو ته تمام بهترين قدم، نويد کوڙ لکيو ته اھي پنھنجي ڳالھين تي عمل ڪن ته پاڪستان پورو چنڊ تي پڄي، وحيد ڄامڙو لکيو ته اھو ڪئين ۽ ملندو ڪٿان ملندو؟ قادر بخش زئور لکيو ته رڳو اعلان آهي، اقبال سميجو لکيو ته اهو بهترين فيصلو آھي، مراد علي لکيو ته وفاقي حڪومت پاران موٽر سائيڪل ۽ ٻن ننڍين گاڏين لاءِ پيٽرول 100 روپيا سستو ڪرڻ وارو فيصلوته بھتر آهي پرانهيَ تي عمل به ٿئي گهڻا ماڻهوَ رجسٽريشن واري چڪر ۾ پوندا ڪونه، حڪومت پاران عوام کي بيوقوف بڻائيڻ جو نئون طريقو آهي سستي اٽي وانگر وري لائن ۾ بيهاريندا، محمد سليمان جمالي لکيو ته حڪومت جي انھي حڪمت عملي کي ڏسندي اسان رجسٽريشن ڪرايون ٿا پر پھريان پڪ ته ٿي اسان کي پيٽرول ملندو به صحيح يا نه ؟ وحيد مگسي لکيو ته اھو فيصلو فيصلو رھندو ٿيندو ڪجھه ڪونه، امتياز جمالي لکيو ته 6هفتن کان پوءِ ٿيندو سستو مطلب اليڪشن کان پوءِ، قربان عالياڻي لکيو ته عوام کي بيوقوف بڻائڻ جو تيرهون طريقوآھي، چورن کي وڃڻ کپي، ملڪ جو ڏيوالو نڪري چڪو آهي، عوام سڀ سمجهي ٿو، سڪندر علي لکيو ته خالي اعلان آهن غريبن جي نالي تي وڏا ماڻهو فائدو حاصل ڪندا اڳ وري فائدو مليو آهي رڳو ڊرامو، ان رليف جو ڪو فائدو ناهي اٽو سستو ڏنو وڃي. سجاد شورو لکيو ته بس خالي نالي جو اعلان ڪيو آهي باقي ڪجهه به ناهي ٿيڻو هي به نئي پاليسي جوڙي وئي آهي، عبدالهادي لکيو ته گڏيل طور تي ڪنهن خصوصي پيڪيج جو اعلان ڪيو وڃي ها ته بهتر هو باقي هن عمل سان ويگو وارا به چوندا ته اسان وٽ به موٽر سائيڪل آهي هن عمل سان فائدو وري به مافيائن کي ٿيندو، ڄام خادم حسين لکيو ته ٽوپي ڊرامو آهي، ڪئلاش پربات لکيو ته پي ڊي ايم کي اليڪشن کٽڻ لاءِ پيٽرول سستو نه بلڪه ٻاھر موڪليل ناڻو واپس آڻڻو پوندو، انور عباسي لکيو ته پي ڊي ايم حڪومت عوام کي بيوقوف بنائڻ جو اعلان ڪندي آهي. حڪومت کي عوام جو احساس آهي ته يڪو پئٽرول جي اگهه ۾ في لٽر تي 50 رپيا گهٽ ڪري عوام کي رليف ڏي، الطاف کوڙ لکيو ته انھن جا سکڻا اعلان ٻڌي ٿڪي پيا آھيون . محمد حسين لکيو ته اهڙا اڳ  به اعلان ٿيا آهن پر عمل ناهي ٿيو عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي، ايم هارون چنا لکيو ته عوام کي خوار ڪندا، بشير احمد سلطان لکيو ته اسان کي ڪونه ملندو تيل، عزيزالله ڪانڌڙو لکيو ته جيئن يوٽيلٽي اسٽور تي گيھه کنڊ ۽ اٽي لاءِ ميسيج جي ذريعي ريجسٽريشن ٿيندي ھئي پوءِ ڀلي ميسيج جي ڪوڊ اچڻ ۾ دير ٿي وڃي نيٺ يوٽيلٽي وارن اين آئي سي نمبر وٺي ڊائريڪ سسٽم ۾ لڳائي ڪم جاري رکيو. ھتي به ڪجھه ائين ئي ٿيندو نه ميسيج ٽائيم تي ايندو نه عوام کي ريليف ملندو جيڪر مليو ته پوليو جي قطرن جيئان ڦڙو ڦڙو. ساگر ڪمار لکيو ته پيٽرول مهانگو به ڪري رهيا آهن، ولي الله جمالي لکيو ته اهو ڊرامو آهي ان کانسواءِ ڪجهه ناهي، حميد مڱريو لکيو ته آءِ ايم ايف اعتراض ڪري ڇڏيو آهي، نياز محمد لنڊ لکيو ته ڪڏھن به ڪونه ڪندا، ھي صرف خالي اعلان آھي جنھن تي عمل ڪونه ٿيندو… ممتاز علي سميجو لکيو ته اعلان ٿيندا غريبن جي نالي تي فائدو کڻندا امير، عمران علي ملڪ لکيو ته قدم ته ڀلو آهي، پر اھا رجسٽريشن واري پريشان نه ڪن، اسد ڪلوڙ لکيو ته فضول آهي، الله بخش ٿهيم لکيو ته عوام کي خوار ڪرڻ جو نئون طريقو آهي، عبدالوحيد چنا لکيو ته حڪومت صرف عوام کي بيوقوف بڻائي رھي آھي رليف فقط اميرن کي ملي پيو غريب ته اھو ئي دربدر آھن، عبدالصبور ڦلپوٽو لکيو ته جيڪا قوم پنهنجي مٿان ٿيندڙ ظلم تي خاموش هجي ان قوم لاء حڪومت جو اهو قدم غنيمت آھي، غلام قادر ڀنڊ، ميان فضل الرحمان، به سروي ۾ حصو ورتو، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته اهو بلڪل صحيح آهي حڪومت کي ڀلي غريب هجي يا امير هجي سڀني کي هڪ جهڙو ملي پيٽرول، محمد فياض وساڻ لکيو ته عوام کي بيوقوف بڻائڻ جو نئون طريقو.. جامع پاليسي ٺاهيو.. ملڪ سان مذاق ڪرڻ بند ڪريو. ڪڏھن به ڪونه ڪندا، ھي صرف خالي اعلان آھي جنھن تي عمل ڪونه ٿيندو…حڪومت جي انهي فيصلي کي اسان رد ڪيون ٿا، عبدالحميد بلوچ لکيو ته مافيا کي فائدو ٿيندو، انجنيئر امرت به سروي ۾ حصو ورتو.