ٽنڊو الهيار (رپورٽر) عثمان شاھ ھڙي ويجھو ڳوٺ عدل خان عاقلاڻي ۾ مرحوم محمد جمن عاقلاڻي جي ياد ۾ ڪرايل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ عزيز ٿيٻو اليون کٽي ورتو. فائينل ۾ جيئي لطيف اليون پھريان بيٽنگ ڪندي مقرر 10 اوورن ۾ 140 رنز ٺاھيون، جواب ۾ عزيز ٿيٻو اليون 9 اوورن ۾ هدف پورو ڪري ورتو. خاص مهمان آصف چٽو ۽ وائس چئيرمين قربان عاقلاڻي فائنل کٽيندڙ عزيز ٿيٻو اليون جي ڪپتان شاھجھان ميرجت کي 20 ھزار ڪيش انعام ونر ٽرافي ۽ رنر ٽيم اپ جي ڪپتان کي رنر اپ ٽرافي ڏني وئي.