وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي قطر پهچي ويو

0
239

ڪراچي: وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي قطر پهچي ويو، وزيراعظم ترقي پذير ملڪن بابت گڏيل قومن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو، دوحه ۾ ٿيندڙ ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ ترقي پذير ملڪن اندر پائيدار قدمن تي غور ڪيو ويندو

 وزيراعظم قطر جي امير طرفان مهمانن جي مانُ ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو، ڪانفرنس جي سائيڊ لائين تي وزيراعظم جون مختلف ملڪن جي سربراهن سان ملاقاتون به رٿيل آهن

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته قطر جي امير جي دعوت تي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ پهتو آهيان، ڪانفرنس ۾ ترقي پذير ملڪن جي مسئلن کي اجاڳر ڪندس

هن جو چوڻ هو ته  ترقي پذير ملڪ موسمياتي ڦيرن ۽ وبائي بيمارين کي منهن ڏئي رهيا آهن، ترقي يافته ملڪن کي ترقي پذير ملڪن جي مدد لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي

هي به پڙهندا

ن ليگ جي سڃاڻپ کي ميسارڻ جي ڪوشش ڪندڙ پاڻ ميسارجي ويا: مريم نواز