ڊي ايس پي ۽ ٻن ايس ايڇ اوز سميت 5 اهلڪارن جي شهادت ۾ آفيسرز ۽ سردار ملوث قرار

0
357
ڊي ايس پي ۽ ٻن ايس ايڇ اوز
ڊي ايس پي ۽ ٻن ايس ايڇ اوز سميت 5 اهلڪارن جي شهادت ۾ آفيسرز ۽ سردار ملوث قرار

رائونتي جي ڪچي ۾ 6 مهينا اڳ ڊي ايس پي ۽ ٻن ايس ايڇ اوز سميت 5 اهلڪارن جي شهادت ۾ پوليس آفيسرز ۽ سردار ملوث آهن، واقعي جي نئين سر جاچ ڪرائي ملوث ڪردارن کي وائکو ڪيو وڃي

شهيد انسپيڪٽر دين محمد لغاري جي پٽ هاءِ ڪورٽ بينچ جي جج ڏانهن درخواست اماڻي ڇڏي

 شهيد انسپيڪٽر جي پٽ بلال لغاري جسٽس صلاح الدين پنهور ڏانهن اماڻيل درخواست ۾ چيو آهي ته ٻين شهيدن جيان رائونتي ٿاڻي جو  ايس ايڇ او غلام علي بروهي به ڌاڙيلن جي گهيري هيٺ هو

بلال لغاري لکيو آهي ته ايس ايڇ او رائونتي ڌاڙيلن جي گهيري مان صحيح سلامت ٻاهر ڪيئن نڪري آيو؟

شهيد انسپيڪٽر جي پٽ بلال لغاري پاران ايس ايڇ او رائونتي ۽ ٻين پوليس آفيسرز خلاف انڪوائري ڪرائڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي