سنڌ مارچ منزل ڏانهن روان دوران، زين شاهه جي طبيعت ۾ سڌاو نه آيو

0
197

ڀٽ شاهه: ڊجيٽل آدم شماري سوڌو سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن خلاف پيادل مارچ ڀٽ شاهه ۾ رات گذارڻ بعد منزل ڏانهن روانو، شهرين طرفان مارچ ۾ شامل قافلن جي شاندار آجيان ڪئي وئي

ايس يو پي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ڊجيٽل آدمشماري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش جو حصو آهي، سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ سوڌو ٻين مسئلن خلاف آواز اٿارڻ لاءِ سمورن سنڌ واسين کي ٻاهر نڪرڻو پوندو

سيد زين شاهه جي ڪراچي اسپتال ۾ هجڻ ڪري لانگ مارچ جي قيادت ڪندڙ روشن ٻرڙو جو چوڻ آهي ته پنهنجا حق ماڻڻ تائين جدوجهد جاري رکنداسين، سيد زين شاهه جي طبيعت بهتر ناهي، اسان سڀني کي گڏجي سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد جاري رکڻي پوندي

ٻئي پاسي ايس يو پي جي صدر سيد زين شاهه جي طبيعت ۾ سُڌايو نه آيو، ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ سندس علاج جاري آهي، ايس يو پي ترجمان جو چوڻ آهي ته طبيعت ۾ سڌارو اچڻ بعد سيد زين شاهه ٻيهر پيادل مارچ جي قيادت ڪندو

هي به پڙهندا

سنڌ مارچ: زين شاهه طبيعت خراب ٿيڻ سبب ڪراچي منتقل