وزيراعظم جي ڳالهين مان لڳي ٿو ته هر ڪنهن سان ٽڪراءُ لاءِ تيار آهي: شيري رحمان

0
222

اسلام آبا (بيورو) پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته وزيراعظم جي ڳالهين مان لڳي ٿو ته هر ڪنهن سان ٽڪراءُ لاءِ تيار آهي، اپوزيشن مان ڪير به نيوٽرل جي ائين تشريح ڪري ها ته حڪومت آسمان مٿي تي کڻي ها

پنهنجي ٽويٽ بيان ۾ ر شيري رحمان وزيراعظم جي بيان تي حيرت ظاهر ڪندي چيو آهي ته حڪومت ساڍا ٽن سالن کان چوندي رهي ته ادارا نيوٽرل آهن، وزيراعظم هاڻي چوي ٿو ته نيوٽرل ته رڳو جانور هوندو آهي

هن چيو آهي ته پنهنجي ئي بيان تي يوٽرن وٺڻ وزيراعظم جي عالمي سڃاڻپ آهي، هٿرادو اڪثريت تي قائم حڪومت جا ڏينهن ڳڻجي چڪا،هاڻي وائڙائپ ۾ غلطي ٻولي ۽ منصوبا ٺاهي رهيا آهن

هن چيو ته وزيراعظم پهريان چيو ته عدم اعتماد سندس خلاف عالمي سازش آهي ۽ هاڻي چوي ٿو ته سندس دعا قبول ٿي وئي آهي، پنهنجي بيان سان يو ٽرن وٺڻ سندس عالمي سڃاڻپ بڻجي وئي آهي

هن چيو ته بي اعتمادي کان بچڻ لاءِ هن جو منصوبو ملڪ کي ڇڪتاڻ ۽ آئيني بحران ڏانهن ڌڪي رهيو آهي

 

ھي به پڙھندا

 

مني لانڊرنگ ڪيس: شهباز شريف ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ تاريخ مقرر