مني لانڊرنگ ڪيس: شهباز شريف ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ تاريخ مقرر

0
255
مني لانڊرنگ ڪيس: شهباز شريف ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ تاريخ مقرر
مني لانڊرنگ ڪيس: شهباز شريف ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ تاريخ مقرر

ڪراچي (م ڊ) لاهور جي خاص عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 25 مارچ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي

لاهور جي اسپيشل سينٽرل ڪورٽ جي جج اعجاز حسن اعواڻ شهباز شريف ۽ ٻين خلاف لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو

جنهن ۾ عدالت شهباز شريف ۽ حمزا شهباز سميت جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ طلب ڪري ورتو

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ايف آءِ اي طرفان شهباز شريف خلاف داخل توهين عدالت جي درخواست تي وڪيل ايندڙ ٻڌڻي تي دليل ڏين

عدالت شريڪ جوابدار عثمان احمد جي عدالتي اختيار خلاف داخل درخواست تي وڪيلن کي ايندڙ ٻڌڻي تي دليل ڏيڻ جو به پابند ڪيو ۽ حڪم ڏنو ته جوابدار عثمان ايندڙ ٻڌڻي تي پنهنجي وڪيل جي حاضري يقيني بڻائي

عدالت حڪم ڏنو ته ايف آءِ اي ٽن ڏينهن اندر بينڪ ملازمن جي بيانن جون ڪاپيون عدالتي عملدارن وٽ جمع ڪرائي

ياد رهي ته ايف آءِ اي شهباز شريف ۽ ٻين خلاف مني لانڊرنگ جو چالان عدالت ۾ جمع ڪرايو هو.

ھي به پڙھندا

پاڪ فوج جنرل فيض کي نوٽيس جاري ڪرڻ جي ترديد ڪري ڇڏي