امان هاڻي مان پاڪستان ۾ رهندس، منهنجا ڪپڙا موڪلي ڇڏيو

0
717
امان هاڻي مان پاڪستان ۾ رهندس، منهنجا ڪپڙا موڪلي ڇڏيو
امان هاڻي مان پاڪستان ۾ رهندس، منهنجا ڪپڙا موڪلي ڇڏيو

ڪراچي : 7 ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ جاري آهي ۽ آسٽريليا پاڪستان خلاف ٽاس کٽي پهرين اننگز ۾ بيٽنگ ڪري رهيو آهي

ڪراچي ۾ سخت گرمي باوجود ٽيسٽ ميچ ڏسڻ لاءِ ملڪي ۽ غير ملڪي تماشائن جو وڏو انگ اسٽيڊيم پهچي رهيو آهي ۽ ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ميچ دوران اسٽيڊيم ۾ موجود تماشائن جون ڪجهه تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون آهن

هڪ تصوير ۾ هڪ غير ملڪي تماشائي پنهنجي هٿن ۾ مزار قائد ۽ پاڪستاني جهنڊن سان ٺهيل پوسٽر کنيل آهي، جنهن تي ڪيپشن لکيل آهي (امان مان پاڪستان منتقل ٿي رهيو آهيان، مهرباني ڪري مون کي ڪپڙا موڪلي ڇڏيو

جڏهن ته ٻئي پوسٽر ۾ هڪ مقامي تماشائي آسٽريليا جي بيٽسمين مارنس لبوسڪا سان پيار جو اظهار ڪري رهيو آهي

 

ھي به پڙھندا

 

باڊهه ڀرسان مبينا اغوا ٿيل ناري گهر پهچي وئي