اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان اڄ جمعي ڏينهن سکر دوري تي پهچندو، ان حوالي سان وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اڄ سکر جي دوري تي پهچندو، وزيراعظم سنڌ لاءِ 446 ارب رپين جي ميگا ترقياتي پيڪيج جو اعلان ڪندو، جيڪو 446 ارب رپين جو ترقياتي پيڪيج 11 سئو ارب جي اعلانيل ڪراچي پيڪيج کان علاوه هوندو، ايندڙ 2 سال انشاءَ الله سنڌ جي ترقي جا سال هوندا، تحريڪ انصاف سنڌ جي عوام جي محرومين جي خاتمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.