اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جسٽس فائز عيسيٰ پنهنجي خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي بدنيتي تي ٻڌل قرار ڏئي ڇڏي، سپريم ڪورٽ ۾ دليل ڏيندي چيو ته مونکي انصاف جو موقعو نه ڏئي سپريم ڪورٽ جوڊيشل ڪائونسل انصاف جو قتل عام ڪيو، آصف سعيد کوسا منهنجو موقف ٻڌڻ بغير پٺي ۾ ڇرو هنيو، فيصلو ڏيندڙ جسٽس عظمت اڄ حڪومت جو پسنديده شخص آهي، مونکي هٽائڻ جو سبب اهو آهي ته مون فيض آباد ڌرڻي ڪيس جو فيصلو ڪيو، خادم رضوي کانسواءِ باقي سڀني فيض آباد فيصلو چيلنج ڪيو. جسٽس منيب اختر چيو ته جن ججن جا توهان نالا وٺي رهيا آهيو، اهي رٽائرڊ ٿي ويا آهن، بار بار ٻن ججن تي الزام نه لڳايو، ٻڌڻي دوران سخت جملن جي ڏي وٺ کانپوءِ جسٽس فائز عيسيٰ جسٽس منيب سان معذرت ڪئي. ڪالهه جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 10 رڪني فل ڪورٽ نظرثاني وارين درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ دليل ڏيندي چيوته هن ڪيس ۾ منهنجي گهرواري ڌر نه هئي پر ان جي خلاف فيصلو ڏنو ويو، ان مامري تي گهروارن کان معذرت خواهه آهيان، منهنجي ڪري هنن جو نالو فيصلي ۾ آيو، هن دليلن دوران هڪ شعر پڙهيو “غم عشق ليڪر هم جائين ڪهان آنسئون ڪي يهان ڪوئي قيمت نهين” هن چيو ته قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم کي عدالت جو احترام ناهي هن کي وزارت گهرجي، هن منهنجي ۽ منهنجي گهروارن مٿان الزام لڳايا، فروغ نسيم کي شايد اهو علم ناهي ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم به پنهنجي گهرواريءَ لاءِ ڪم ڪندو هو، چوڻ ۾ هي ملڪ اسلامي جمهوريه پاڪستان آهي پر اصل ۾ هتان جا رهائشي منافقن جي قوم آهي، هن چيو ته عدالت ايف بي آر کي منهنجو مامرو نه اماڻي اختيار اورانگهيا آهن، منهنجي ڌيءَ ۽ پٽ کي ايف بي آر جو نوٽيس بنيادي حقن جي زمري ۾ نه ٿو اچي، هن عدالت ۾ ججن کان جيڪڏهن غلطي ٿيندي آهي ته نظرثاني جو اختيار انهن وٽ موجود آهي، منهنجي ڪيس ۾ عدالتي حڪم آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي، ڪنهن به شخص جي ٽيڪس رڪارڊ تائين رسائي فوجداري ڏوهه آهي، هن چيو ته هن عدالت صدارتي ريفرنس تي جيڪو فيصلو ڏنو، ان ۾ تفصيلي فيصلو اچڻ کان پهريان ئي ايف بي آر کي ڪارروائي مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن فروغ نسيم پنهنجي دليلن ۾ انڪم ٽيڪس قانون جي شق 198 کي بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندو رهيو، ٽيڪس ڪمشنر ذوالفقار احمد عدالت جي دٻاءَ ۾ اچي ڪارروائي ڪئي، سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ميمبرن بدنيتي تي ٻڌل ڪارروائي ڪئي، سپريم جوڊيشل ڪائونسل مون کي ڪڏهن به صفائي جو موقعو نه ڏنو، ڪائونسل انصاف جو قتل عام ڪيو، ملڪ جي صدر منهنجي لکيل ٽن خطن جو جواب ڏيڻ گوارا نه ڪيو، منهنجي خلاف موڪليل صدارتي ريفرنس جي ڪاپي مون کي نه ملي پر ميڊيا تي ان جو بينڊ باجو وڄايو ويو، منهنجي ۽ منهنجي گهروارن خلاف ففٿ جنريشن وار شروع ڪئي وئي، اڳوڻي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا منهنجو موقف ٻڌڻ کان بغير منهنجي پٽي ۾ ڇرو هنيو، منهنجي ساٿي ججن جوڊيشل ڪائونسل ۾ مون کي پاڳل شخص قرار ڏنو، هن عدالت ۾ اهو چيو ويو ته عمران خان ۽ ان جي خاندان بابت ڳالهه نه ٿي ٿي سگهي، اها حقيقت آهي ته عمران خان جڏهن ڪرڪيٽر هو ته ان جو مداح هئس، ان کان آٽوگراف به ورتو، عمران خان به هڪ سٺو انسان آهي پر ان جي ۽ ان جي فيملي بابت هن عدالت ۾ ڳالهه ڇو نه ٿي ٿي سگهي؟ هن چيو ته جسٽس عظمت سعيد شيخ منهنجو سٺو دوست هو پر ان جي ڪيل فيصلي تي ڏک ٿيو آهي، هو هن وقت حڪومت جي پسنديده شخصيت آهي، ملڪ کي ٻاهران نه پر گهر مان خطرو آهي، پاڪستان کي ٻاهران ڪوئي به هٿ نه ٿو لڳائي سگهي، جسٽس عمر عطا بنديال کيس چيو ته عدالتي فيصلي ۾ جيڪي غلطيون آهن ان جي نشاندهي ڪيو، سپريم جوڊيشل ڪائونسل بابت اوهان جي وڪيل هن عدالت ۾ دليل نه ڏنا هئا، جسٽس منيب اختر چيو ته اوهان جي وڪيل جوڊيشل ڪائونسل واري مامري تي دليل نه ڏنا هئا ته هاڻي ڪيئن نظرثاني واري درخواست ۾ ان تي دليل ڏئي سگهو ٿا، اوهان جن ججن جا نالا وٺي رهيا آهيو اهي رٽائرڊ ٿي چڪا آهن، انهن ٻن ججن جي مٿان الزام نه لڳايو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل کان مون کي سنگين تحفظات آهن، منهنجو ڪيس ٻيهر ڪائونسل کي موڪلڻ واري مامري تي دليل ڏيندس، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڇا مان هن عدالت جو جج ناهيان؟ ڇا عظمت سعيد ۽ آصف سعيد کوسا جا نالا مقدس آهن؟ منهنجي عهدي تي رهڻ يا نه رهڻ سان مون کي فرق نه پوندو بلڪه اهو نقصان ملڪ کي ٿيندو، مون ارادو ڪيو آهي ته خون جي آخري قطري تائين جنگ وڙهندس، فيض آباد ڌرڻي واري ڪيس ۾ ڏنل فيصلي کان پوءِ منهنجي خلاف قيامت برپا ڪئي وئي، ان ڪيس ۾ خادم رضوي ڪا به نظرثاني جي درخواست داخل نه ڪئي، باقي سڀني شخصيتن نظرثاني واريون درخواستون داخل ڪيون، پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم وارن ته اهو لکيو ته مان جج رهڻ جي قابل ناهيان، ٻڌڻي دوران جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، جنهن تي جسٽس منظور ملڪ ۽ ٻين جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي روڪيو ۽ چيو ته جج صاحب اوهان ڌر نه بڻجو، هڪ وڪيل وانگر پنهنجا دليل ڏيو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جسٽس منيب اختر کان معذرت ڪندي چيو ته مان هن ڪيس ۾ وڪيل طور نه پر ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي رهيو آهي، فيض آباد ڌرڻي واري ڪيس ۾ نظرثاني واريون درخواستون مقرر ڇو نه ڪيون ويون آهن؟ ايف بي آر جي خاتون چيئرپرسن کي منهنجي ڪيس سبب عهدي تان هٽايو ويو، منهنجي گهرواري جو ڪيس ڪراچي کان اسلام آباد منتقل ڪيو ويو، جسٽس منيب اختر کيس چيو ته اوهان عدالت جي حڪم کي مڪمل طور پڙهو، جيڪي ڳالهيون اوهان مون ڏانهن منسوب ڪيو ٿا اهي درست ڪريو، آئون هڪ سوال پڇيو هو ڪا ذاتي راءِ نه ڏني هئي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪور ڪاميٽي جو ميمبر شهزاد اڪبر آهي، شهزاد اڪبر جي خلاف لڳايل الزامن جي هن ڪڏهن به ترديد ناهي ڪئي، هن جي دولت ۾ غيرمعمولي اضافو ڪيئن ٿو،اهو ڪير پڇڻ وارو ناهي، منهنجي ڪيس ۾ ان کي جيل ۾ هجڻ گهرجي پر هو اهم عهدن تي موجود آهي، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اسان جمهوريت ۾ رهون ٿا يا ڊڪٽيٽرشپ ۾، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اوهان حڪومت ۾ موجود اڻ چونڊيل ماڻهن لاءِ غلط نه چئو، سياسي ماڻهن کي سياسي عهدا ملندا رهندا آهن، اوهان انهن ڳالهين کي ڇڏي دليل ڏيو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اڳوڻي اٽارني جنرل انور منصور توهين عدالت ڪئي آهي پر ان خلا ف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي ۽ نه ئي ان معافي ورتي آهي، جيستائين مان موجود آهيان هن عدالت جي عزت ۽ حرمت تي آڱر کڻڻ نه ڏيندس، جسٽس عمر عطا بنديال کيس چيو ته انور منصور جي ان رويي سبب کيس عهدي تان استعيفا ڏيڻي پئي، جنهن به ججن خلاف ڳالهه ڪئي آهي انهن خلاف ايڪشن ورتو آهي اسان جو ڪم ماڻهن کي جيل موڪلڻ نه فيصلو ڪرڻ آهي، اسان بطور جج ڪيس هلائڻ ڄاڻون ٿا اوهان پنهنجون ڪهاڻيون نه ٻڌايو، روزانو ٽي وي چينلز جي ٽاڪ شوز ۾ ڪير اچي ٿو ڇا ڳالهائي ٿو؟ اسان کي ان سان ڪو سروڪار ناهي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ دليل ڏيندي وڌيڪ چيو ته لنڊن واري ملڪيت جو جيڪو الزام لڳايو ويو اهي خريد ڪرڻ وقت به منهنجي گهرواري ۽ منهنجا ٻار منهنجي زير ڪفالت نه هئا، ايف بي آر هن وقت تائين مون کي نوٽيس ناهي موڪليو، منهنجي ڪيس ۾ هن عدالت فرق پيدا ڪندي ڪم ڪيو آهي، اسان جي لنڊن واري ملڪيت اسلام آباد جي ايف 6 سيڪٽر جي هڪ پلاٽ جي برابر ناهي، منهنجو سهرو گذاري ويو، ڪنهن کي پرواهه ڪونهي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سوال اٿاريندي چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ هڪ مشهور نيازي سروسز وارو ڪيس هو جنهن کي عدالت پاران ڪڏهن به ايف بي آر ڏانهن نه موڪليو ويو، اهڙا ڪيس ڏسي محسوس ٿئي ٿو ته عدالت مون سان امتيازي سلوڪ ڪري رهي آهي، قاضي فائز عيسيٰ جا دليل جاري هئا ته عدالت ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.