نيويارڪ(دلچسپ نيوز) دنيا جي سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ رابطن واري ايپليڪيشن واٽس ايپ واهپيدارن جي سهولتن لاءِ مختلف وقتن ۾ تبديليون ڪندي رهندي آهي.واٽس ايپ ۾ هن وقت تائين جي آيل تبديلين کي واهپيدارن گهڻو ساراهيو آهي ۽ انهن مان فائدا به ورتا آهن پر هاڻي ڪمپني سڀني جي پسنديده فيچر کي ختم ڪرڻ جو سوچي رهي آهي.ان حوالي سان جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته واٽس ايپ طرفان هڪ اهڙو فيچر متعارف ڪرايو ويندو جنهن جي ذريعي گوگل ڊرائيو ۾ محفوظ ڪيل واٽس ايپ بيڪ اپ جي لاءِ لامحدود اسٽوريج جو آپشن ختم ٿي ويندو.لامحدود اسٽوريج جو آپشن ختم ڪندي گوگل ڊرائيو ۾ واهپيدارن کي ايم بي 200 جو آپشن فراهم ڪيو ويندو.خيال رهي ته اهو فيچر جي تياري جي مرحلن ۾ آهي ۽ انکي جلد ئي واٽس ايپ جي فيچر اپ ڊيٽ طور متعارف ڪرايو ويندو.موبائل ايپ ۾ محدود اسٽورجي پلان جي خبر واٽس ايپ واهپيدارن جي لاءِ خراب تصور ڪئي پئي وڃي ڇو ته گوگل ڊرائيو ۾ واٽس ايپ چيٽ بيڪ اپ کي محفوظ ڪرڻ جو طريقو سڀ کان سولو ۽ سُٺو تصور ڪيو ويندو آهي.