دادو(م ڊ) تحريڪ لبيڪ پاڪستان ٽي ايل پي جي سربراهه سعد رضوي چيو آهي ته هي وقت هوائي دورا ڪرڻ جو ناهي، قوم سان گڏ بيهڻ جو وقت آهي. دادو ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعد رضوي چيو ته سنڌ جي دوري دوران اندازو ٿيو آهي ته سڄي سنڌ ٻڏي چڪي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ حڪومت ۽ انتظاميا نالي جي ڪا شيءِ ئي نظر نٿي اچي، هي وقت هوائي دورا ڪرڻ جو ناهي پر قوم سان گڏ بيهڻ جو آهي. ٽي ايل پي سربراهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٻوڏ متاثرن کي خيمن، کاڌي پيتي ۽ مڇر دانين جي ضرورت آهي.