حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سي ٽي ڊي حيدرآباد پوليس ڪجهه عرصو اڳ ڪوٽڙي ۾ ڊي سي آفيس آڏو ٿيل بم ڌماڪي واري معاملي ۾ اهم پيش رفت جي دعويٰ ڪندي 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ ايس پي سي ٽي ڊي راجا طارق محمود جي او آر ڪالوني ۾ قائم پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دعويٰ ڪئي ته واقعي ۾ مارجي ويل الله بخش کوکر جي 2 ساٿين کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان بارودي مواد به هٿ ڪيو آهي. ايس پي موجب گرفتار ٿيلن ۾ شاهد قبوليو ۽ سائين بخش عرف سنگهار برفت شامل آهن. پريس ڪانفرنس دوران ايس پي ٻڌايو ته 4 آگسٽ 2022ع تي ڊي سي آفيس آڏو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار گاڏي ۾ گذرڻا هئا ان دوران جوابدارن سندن گاڏي کي بم سان اڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پر الله بخش کوکر پاران رکيل بارودي مواد ريمورٽ ڪنٽرول ذريعي نه ڦاٽو ۽ بعد ۾ واپس کڻڻ دوران سندس بيگ ۾ پيل بارودي مواد مان ڌماڪو ٿيو، جنهن دوران هو موقعي تي مارجي ويو. ايس پي موجب ته مارجي ويل الله بخش کوکر جي سامان مان کين هڪ وزٽنگ ڪارڊ مليو جنهن تي لکيل نالي جي انهن ڳولا شروع ڪئي ته ڄاڻايل شخص شاهد قبوليو هو جنهن گرفتاري بعد اعتراف ڪيو ته هو واقعي واري ڏينهن الله بخش کوکر سان گڏ هو. هن چيو ته شاهد قبوليو اليڪٽريشن جو ڪم ڪري ٿو ۽ هو آءِ ڊي ٺاهڻ جو ماهر آهي جنهن کي 13 سيپٽمبر تي انهن سندس سهولتڪار سنگهار برفت سميت گرفتار ڪيو جن جي قبضي مان واردات ۾ استعمال ٿيندڙ موٽرسائيڪل ۽ بارودي مواد به هٿ آيو آهي. جوابدارن خلاف ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.