هنڱورجا (ن پ ا) هنڱورجا ڀرسان ڳوٺ بنگل خان چانگ ۾ 11 هزار وولٽيج تار مان بنگل خان چانگ جي چار ايڪڙ زمين تي گڏا ٻڌل ڪڻڪ سڙي رک ٿي وئي. اطلاع جي باوجود فائربرگيڊ عملو نه پهتو . جڏهن ته سوين ڳوٺاڻن پهچي پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ڪنٽرول ڪري وڌيڪ ڪڻڪ سڙڻ کان بچائي ورتي .ان دوران ڪڻڪ سنڀاليندڙ هاري محمد رمضان چانگ ڪڻڪ سڙندو ڏسي بيهوش ٿي ويو جنهن کي اسپتال پهچايو ويو. ڊاڪٽرن جي ڪوششن بعد کيس کي هوش ۾ آندو ويو. آبادگار بنگل خان چانگ ٻڌايو ته باھ سبب لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي.