کاهي (ن پ ا) کاهي ويجهو ڳوٺ ڪڙوليءَ ۾ غريب پورهيت چنيسر ڪولهي جي  ڪکائن گهر کي اوچتو تيز هوا جي ڪري کي باھ لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ الھ تلھ سڙيءَ ويو. جڏھن ته فائر بريگيڊ کپرو کي اطلاع ڪيو ويو. پرگاڏيءَ خراب هجڻ سبب پهچي نه سگهي. ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ڪنٽرول ڪيو. باھ متاثرين کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن ۽ سرنديءَ وارن کي مدد جي اپيل ڪئي آهي.