لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي ميروخان چوڪ واري علائقي جو رهواسي 8 ورهين جو نينگر عبدالصمد بلوچ رائيس ڪئنال ۾ وهنجندي پاڻي ۾ بيهوش ٿي ويو، نينگر جي رڙين تي ڀرپاسي جي ماڻھن بيهوشي واري حالت ۾ کڻائي کيس چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو، اطلاع تي نينگر جا وارث پهچي ويا، اسپتال ۾ نينگر جو علاج نه ٿيڻ خلاف وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي نينگر جي چاچي محمد رفيق بلوچ ۽ ٻين دانيهندي چيو ته اسپتال ۾ ڀائيٽي کي داخل ڪرائڻ بعد کيس طبي امداد نه ڏني وئي، ڊاڪٽرن کي منٿون ڪيون پر اسان جي هڪ به نه ٻڌي وئي، هنن مطالبو ڪيو ته نينگر جو علاج ڪرائي سندس حياتي بچائي وڃي.