همايون شريف (ن پ ا) پوليس اھلڪار زاھد ٻرڙو وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪندي الزام لڳايو ته پنهنجي ٿاڻي جي پوليس ڌاڙيلن سان ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي منهنجي ڄنگهه ۾ گولي هڻي معذور ڪيو،  علاج هلندڙ آهي، انصاف ڪيو، ٻچڙا پريشان آهن، وڏي منشي عيد ناپر پاران ٽن مهينن کان غير حاضر ڄاڻائي پگهار بند ڪئي وئي آهي،ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس وٺي اي ايس پي سٽي شڪارپور فاضل شاھ کي جاچ ڪري هفتي اندر رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.پوليس لائين جي اهلڪار زاهد ٻرڙو پاران پنهنجي پوليس لائين جي وڏي  منشي عيدن ناپر سميت پوليس لائين جي ٽن ننڍن منشين سڳن ڀائرن، منشي عابد منگي، منشي جواد منگي، منشي سجاد منگي تي مبينا ڏوهارين سان ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ڄنگهه ۾ گولي هڻي معذور ڪرڻ بعد ٽن مهينن تائين حاضري ۾ غيرحاضر ڄاڻايو ويو،  گولي لڳڻ بعد علاج به نه ڪرايو ويو، اهڙو الزام هڻي پي سي زاهد ٻرڙو وڊيو رڪارڊ ڪرائي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي هئي.ٻئي طرف پوليس اهلڪار جي علاج لاءِ به ايس ايس پي شڪارپور حڪم جاري ڪري مڪمل علاج ڪرائڻ جو به يقين ڌياني ڪرائي آهي، بعد ۾ پوليس اهلڪار زاهد ٻرڙو وري اهڙو وڊيو پيغام به سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏيو.