ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان جي سوين برسات   متاثر عورتن ٻن مهينن کان ڪو به امدادي سامان ، راشن نه ملڻ تي ڊپٽي ڪمشنر آفيس جو گهيراءُ ڪري آفيس جي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن  بعد  پوليس جي وڏي نفري احتجاج دوران پهچي متاثر عورتن تي لٺبازي ڪري کين اندر وڃڻ کان روڪي ورتو، جنهن جي بعد برسات متاثر عورتن ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي مين گيٽ کي بند ڪري طويل احتجاجي ڌرڻو هنيو ،   متاثر عورتن شريمتي قلمي ، شريمتي ڪومل ، مسمات نور بانو ، مسمات الهبچائي ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته برسات جي تباھڪارين سبب اسان جو وڏو نقصان ٿيو آهي،  ڊپٽي ڪمشنر سنڌ سرڪار طرفان مليل ڪو به امدادي سامان راشن اصل متاثرين کي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ڊي سي برسات متاثرن سان ملڻ لاءِ تيار ناهي، احتجاج تي عورتن جي تذليل ڪري  مارڪٽ ڪئي وڃي ٿي، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.  هوڏانهن متاثرين جي رات دير تائين احتجاج دوران کين ٻئي ڏينهن جو امداد جو آسرو ڏئي احتجاج ختم ڪرايو ويو.