لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ) لاڙڪاڻو پوليس چيڪنگ بهاني رستي ويندڙن کي ڦرڻ لڳي، اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اهلڪار راھگير کان رشوت وٺي رهيو آهي، خير محمد آريجا پوليس رستي ويندڙن کي چيڪنگ بهاني ڦرڻ لڳي، اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، ايس ايس پي نوٽيس وٺندي وڊيو ۾ نظر ايندڙ  پوليس اهلڪارن  کي معطل ڪري پوليس لائين ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ايس ايس پي طرفان وڌيڪ ڪاروائي لاءِ ڊي ايس پي هيڊڪوارٽر کي معاملي جي تفصيلي ۽ مڪمل جاچ ڪري ٽن ڏينهن ۾ رپورٽ ڏيڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي. واضع رهي ته ڪالهه بگي ڳوٺ واسي ڏهاڙي تي ويندڙ مزدورن کي خيرمحمد آريجا ڀرسان آريجا ٿاڻي جي پوليس اهلڪارن طرفان چيڪنگ بهاني بيهاري کانئن رشوت وٺڻ واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي جنهن معاملي جو ايس ايس پي نوٽيس پڻ ورتو آهي.