هالا(ن پ ا) هالا ۾ هڪ دفعو ٻيهر سيد سومار شاهه جي مزار جي مالڪي تان تڪرار شروع ٿي ويو آهي. هڪ ڌر پاران مزار تي قرآن خواني ڪندڙ عورت تي چڙهائي ڪري تشدد ڪيو ويو. تشدد سبب اتي موجود مسمات فوزيه، سحرش، شاهين، ممتاز زخمي ٿي پيون، جڏهن ته عورتن جا ڪپڙا پڻ ليڙون ليڙون ٿي ويا. مزار تي زبردستي قبضي جي اطلاع تي سيد سومار شاهه جا سوين عقيدتمند به مزار تي پهچي ويا ۽ عورتن ج مٿان تشدد ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٿاڻي تي پهتا. ٿاڻي تي ڪو به عملدار موجود نه هجڻ تي زخمي عورتون ۽ درگاه جا عقيدتمند اي سي هالا آفيس پهچي پهتا، جتي اسسٽنٽ ڪمشنر ھالا احتجاج ڪندڙ عورتن سان ملاقات ڪري کين انصاف ڏيارڻ جو يقين ڏياريو. واقعي بابت زخمي عورتن جو چوڻ هو ته اسان مزار تي قرآن شريف جو ورد ڪري رهيون هيونسين ته ايازارباب، رشيد ارباب، طفيل ارباب پنهنجن ساٿين سان حملو ڪيو. اسسٽنٽ ڪمشنر ھالا جو چوڻ آهي ته عورتن سان بدتميزي ۽ مزار جي بيحرمتي ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ نه بخش ويندو. ٻئي پاسي مزار تي قبضي ۽ عورتن تي تشدد خلاف عقيدتمند روڊن تي نڪري آيا. زخمي عورتن ۽ زائرين پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ نيشنل هاءِ وي تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب ٽريفڪ بلاڪ ٿي وئي. احتجاج ڪندڙن چيو ته مزارتي چڙهائي ۽ عورتن تي تشدد ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري تائين احتجاج جاري رکيو ويندو. بعد “ پوليس مظاهرو ڪندڙ کي ڪيس داخل ڪرڻ جو يقين ڏياريو ۽ روڊ کوليو ويو، جڏهن ته جوابدار ڪامريڊ اياز ارباب، ڪامريڊ رشيد ارباب ۽ سندن ساٿين تي حملي ۽ ڀڃ ڊاهه جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.